اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو هڪ وڏو مرڪز هوندو، حڪومت گوادر بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي ??هتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گوادر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ?? عالمي معيار جي ??هولتن جي فراهمي گوادر بندرگاهه جي ??رقي جي لاءِ اهميت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان گوادر شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ گوادر شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس ايسوسيئيشن جو صدر عبدالرحيم ظفر، سيڪريٽري جنرل حميد بلوچ ۽ فيصل دشتي شامل هئا. ملاقات ۾ وفد نگران وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته گوادر بندرگاهه کي مڪمل فعال بڻائڻ جي لاءِ شروعاتي طور تي سرڪاري ڪارگو جو ڪجهه حصو گوادر بندرگاهه تان پاڪستان درآمد ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان هڪ ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعطم چيو ته گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو مرڪز هوندو، حڪومت گوادر بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي ??هتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گوادر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ?? عالمي معيار جي ??هولتن جي فراهمي سي پيڪ جي ??ن اهم بندرگاهه جي ??رقي جي لاءِ اهميت رکي ٿي. هن چيو ته حڪومت جي ??رجيح آهي ته گوادر ۾ فشريز جي ??نعت کي جدت ڏني وڃي، گوادر ۾ مُهاڻن کي جديد مشينري، ٻيڙين ۾ انجڻ ۽ نيويگيشن اوزارن ۽ عالمي سطح تي لاڳو معيار موجب مڇيءَ جهلڻ جي ??ريقيڪار جي لاءِ پيشيواراڻي تربيت ڏني پئي وڃي، گوادر تان فشريز جي ??عبي ۾ برآمدات جي وسيع صلاحيت مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو. وفد نگران وزيراعظم کي شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس جي مسئلن جي ??والي سان پڻ آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم وفد کي انهن جي مسئلن جي ??رجيحي بنيادن تي حل جي ??اطري ڪرائي. وفد نگران وزيراعظم کي گوادر ۾ مُهاڻن جي مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. وفد حڪومت جي مُهاڻن کي روزگار جي فراهمي، پيشيواراڻي تربيت ۽ گوادر جي مجموعي طور تي مسئلن جي ??ل لاءِ قدمن کي ساراهيو.