اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي باباءِ قوم جي 147 هين پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان جو تصور هڪ ??هڙو پاڪستان آهي جيڪو اميد، عزم ۽ انصاف جي روشني طور بيٺل هجي، هڪ ??هڙي قوم جيڪا هڪ ??مهوري، انصاف پسند ۽ آزاد معاشري جي واعدي تي قائم هجي. اچو هن ڏينهن وچن ڪريون ته اسان اسلامي نظرين، اخلاقي قدرن، اتحاد ۽ ڀائيچاري جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪنداسين. موجوده حالتن جي گهرج آهي ته باباءِ قوم جي ويزن ۽ ان جي رهنما اصولن تي عمل پيرا ٿي اتحاد ۽ جمهوري قدرن جي فروغ سان گڏوگڏ ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي. پن??نج?? پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قا??دا??ظم محمد علي جناح قوم جو اهو عظيم محسن هو جنهن جي اڻٿڪ محنت سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ هڪ ??دا وطن قائم ٿيو. آل انڊيا مسلم ليگ جي اڳواڻ طور هن برطانوي هندستان ۾ مسلمانن جي حقن ۽ مفادن جي وڪالت ڪئي. قا??دا??ظم مسلمانن جي لاءِ هڪ ??دا وطن جي نظريي تي پڪو يقين رکندو هو، جتي اهي آزاداڻي طور تي پن??نج?? مذهب تي عمل ڪري سگهن ۽ انهن کي سياسي نمائندگي حاصل هجي. پن??نج?? عظيم تقريرن ۽ اڻٿڪ محنت جي ذريعي جناح هڪ ??دا قوم جي مطالبي جي حمايت کي ڪاميابي سان متحرڪ ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي قا??دا??ظم جي نظرين ۽ ويزن کي اختيار ڪرڻ ۽ پاڪستان کي هڪ ??وشحال ۽ مضبوط ملڪ بڻائڻ جي لاءِ پن??نج??ن ڪوششون جاري ??کڻ جي ياد ڏياري ٿو. اڄ اسان باباءِ قوم جي لچڪ، دانشمندي، بصيرت ۽ دورانديشي کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جنهن هڪ ??هڙي قوم جو بنياد رکيو جنهن کي ايمان جي قوت متحد ڪري ٿي. مون کي اهو چوندي فخر محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستاني عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيندي وڏي حوصلي جو مظاهرو ڪيو آهي. اها ڳالهه وڌيڪ اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان چئلينجز جي باوجود مختلف شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته اڄ جڏهن اسان سندس ياد ملهائي رهيا آهيون ته اهو ضروري آهي ته اسان هيستائين جيڪو شاندار سفر ڪيو آهي ان تي غور ڪيو وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڏهاڪا گذري چڪا آهن هر هڪ ??اب آزمائش، فتح ۽ اسان جي ماڻهن جي اڻٿڪ جذبي جو عڪاس آهي. باباءِ قوم جي ويزن، سندس قيادت ۽ مدبراڻي انداز هڪ ??مهوري ۽ جامع پاڪستان جو بنياد رکيو جتي سمورن مذهبن ۽ پس منظر جا ماڻهو گڏ رهي سگهندا هئا.