ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي ٻط??فن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ۽ معصوم فلسطينين خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪ??و آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪ?? جي موقعي تي لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان لبنان ٻط??فن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن معصوم فلسطينين خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪ??و.