مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير يڪجهتي ڏ??اڙ?? جي موقعي تي نگران وزيراعظم آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آه??، ڪشمير مسئلي جو حتمي ۽ منصفاڻو حل رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاد ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم تحت ممڪن آه??. هن چيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪنهن کان لڪل نه آه??، معصوم ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن تي عالمي ب??ادري جي خاموشي ڳڻتي جوڳي ۽ مذمت جوڳي آه??. نگران وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ اسپيڪر نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏ??اڙ?? جي موقعي تي مظفرآباد جي دوري کي خوش آئنده قرار ڏنو. هنن چيو ته ڀارت کي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏ??اڙ?? تي مظفرآباد اچڻ سان واضح پيغام پهچي ويو آه?? ته پاڪستاني ۽ ڪشميري ڀينرن ڀائرن جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون.