اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو ا??لاس گهرائڻ ۾ ڪو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي، آئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو ا??لاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو، ڪنهن پارٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهي??ن هلي رهيون آهن، پاڪستان جي آئين ۾ هر صورتحال مان نڪرڻ جو رستو موجود آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اهي ماڻهو جيڪي مختلف طرح سان ماڻهن جي خدمت ڪن ٿا، انهن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي، اهي شاعر، موسيقار، فنڪار، ڊرامي نگار جيڪي ڪروڙپتي نه آهن، انهن جي خد??تن جو ا??تراف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اشرافيه جي ڪلبز کي به گهرجي ته اهي اهڙن ماڻهن جي خد??تن جو ا??تراف ڪن، ڪنهن کي ميمبرشپ ڏيڻ وقت رڳو پئسي کي نه ڏ??و وڃي، خد??تن کي به ڏ??و وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو ا??لاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو جنهن ۾ اڃا ڪجهه ڏ??نهن باقي آهن. هن چيو ته اها معمول جي ڪارروائي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته ورڇ ٿيل پارليامينٽ آهي، ڪنهن سياسي پارٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهي??ن هلي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين جامع ۽ تفصيلي آهي، فرض ڪريو ته سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڪنهن قسم جو ا??فاق راءِ پيدا نٿو ٿئي ته آئين ۾ ان جو رستو موجود آهي.