لاهور-26 فيبروري (اي پي پي) تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي و??ير مدد علي سنڌي چيو آهي ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ ٽي??نيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺر??ئڻ?? پوندي، نوجوانن کي فني مهارتن جي تربيت ڏياري معاشري ج?? ڪارآمد شهري بڻائي سگهجي ٿو. نگران حڪومت مختصر عرصي ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري ايندڙ حڪومت لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽي??نيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيو ٽي??) ۽ پنجاب اسڪلز ڊولپمينٽ فنڊ (پي ايس ڊي ايف) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان يادداشت جو مقصد پٺتي پيل طبقي ج?? ترقيءَ لاءِ هڪ ڪوشش ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي هنرمند ۽ باصلاحيت بڻائڻ آهي. نگران وفاقي و??ير چيو ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ روايتي بجاءِ ٽي??نيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺر??ئڻ?? لاءِ پوندي. هن چيو ته يونيورسٽين کي معياري تعليم سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت هر ممڪن وسيلا استعمال ڪيا. ايندڙ حڪومت لاءِ هڪ روڊ ميپ ڇڏي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ايندڙ حڪومت ان روڊ ميپ تي عمل ڪري تعليم جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي نيو ٽي?? جي چيئرپرسن سميت ٻين به خطاب ڪيو.