اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي ا??يمبلي، سينيٽ ?? چئني ??وب?? جي چونڊيل ميمبرن آصف علي زرداري تي پنهنجي ا??تماد جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري وفاق جي مضبوطي ج?? علامت هوندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته آصف علي زرداري پاڪستان جي صدر طور پنهنجون آئيني ذميواريون بهترين طريقي سان سرانجام ڏيندو. آصف علي زرداري جو پاڪستان جي صدر طور چونڊجڻ جمهوري قدرن جو تسلسل آهي، اتحادي پارٽيون گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ڪنديون.