اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عيدالفطر جي موقعي تي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي عوام جي لاءِ حڪومت پاران خصوصي تحفو آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو سمورو ڌيان مهانگائي ۾ گهٽتائي تي آهي. هن چيو ته اپريل جي مهيني ۾ گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ 3 رپيا 82 پئسا گهٽتائي ٿي. هن چيو ته ٽه ما??ي ايڊجسٽمنٽ ۾ ڊالر ريٽ تي دارومدار هوندو آهي، ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر مستحڪم ٿيڻ سان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت کان اڳ ڪاروب??ري ماڻهن ۽ ايڪسپورٽرز کي مشڪلاتون درپيش هيون. هن چيو ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، اڄ ايڪسچينج ريٽ ۽ رپئي جي قدر مستحڪم آهي. نگران دور ۾ به رپئي جي قدر مستحڪم رهي، جيڪڏهن حالتن ۾ اهڙي طرح بهتري ر??ي ته بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته عالمي ما??ياتي رسالا به چئي ر??يا آهن ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي ر??ي آهي، بلومبرگ پڻ چيو آهي ته ٻه سيڪڙو مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته بلومبرگ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ سال مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿيندي. هن چيو ته مثبت انگ اکر سامهون اچي ر??يا آهن. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته حڪومت بجلي چوري جي خلاف قدم کڻي ر??ي آهي، بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت عوام کي ر??ليف ڏيڻ جي لاءِ بهترين حل سامهون آڻي ر??ي آهي.