اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شاهه حمد بن عيسيٰ بن سلمان آل خليفه جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جو بحرين جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه ط??في لاڳاپن جي ن??ين دور جو آغاز آهي، وزيراعظم عمران خان جي بحرين جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي اعزازي مهمان طور شرڪت ۽ اعليٰ ترين سول ايوارڊ جو اعزاز دنيا ۽ خطي ۾ پاڪستان جي وڌن??ڙ وقار ۽ اهميت جو آئينو آهي.