سيالڪوٽ – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پرڏيهي رانديگر?? جو پي ايس ايل ۾ حصو وٺڻ پاڪستان جي محفوظ هجڻ جي واضح دليل آهي، پاڪستان هاڻي دهشتگردي بدران ٽوئرازم جي ??ري سڃاتو پيو وڃي، حڪومت احساس ڪفالت پروگرام جي لاءِ 162 ارب رپيا رکيا آهن، وزيراعظم جو عوام سان درد ۽ احساس جو رشتو آهي، موجوده حڪومت پاڪستان جي تعمير ۾ عورتن کي برابر حق ڏيڻ تي عمل ??ري رهي آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن هيڊ مرالا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.