اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي ه??را??و کوٽ جو ??خت نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آهي ته ه??را??و کوٽ جي ذميدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. پيٽروليم واري وزارت ۽ اوگرا ايندڙ 48 کان 72 ڪلاڪن ۾ پيٽرول جي باقاعده سپلائي کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته اسان جي عوام جي هڪ طبقي ۾ ڪورونا جي باري ۾ اڃان به غلط فهميون موجود آهن جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون ممڪن نه آهي، معاشري ۾ اضطراب (خوف) پيدا ڪرڻ بدران ان صورتحال جو مقابلو ڪرڻو پوندو، شوگر ان??وائري جي معاملي ک?? منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، کنڊ جي قيمت ۾ هر صورت ۾ گهٽتائي آڻينداسين، هي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي جنگ آهي جيڪو به ان معاملي ۾ ملوث هوندو ان جي خلاف ايڪشن ضرور ٿيندو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا ارسا ٽيلي ميٽر سسٽم کي سبوتاز ڪرڻ جي معاملي جي ان??وائري لاءِ ڪ??يٽي جوڙڻ، قابل ماڻهن کي سرڪاري ادارن جو ??ربراهه مقرر ڪرڻ ج?? منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا چيو آهي ته سالن کان غير فعال اسٽيل ملز جو ??ڄو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، ملڪي مفادن ۾ سڌارن واري ايجنڊا کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو، ڪابينا پولٽري جي قيمتن ۾ اضافي جي معاملي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، وفاقي ڪابينا جو ??جلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.