اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه منصوبو نه رڳو پاڪس??ان پر پوري خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه هموار ڪندو، افغانس??ان ۾ امن ۽ نئين سر تعمير جي پيش نظر سي پيڪ جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي آهي. هو ڪراچي ڪائونسل براءِ پرڏيهي لاڳاپن جي اهتمام هيٺ سي پيڪ پرويبينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم جو خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين لفيٽننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، پاڪس??ان ۾ چين جو سفير يائو جنگ ۽ ڪراچي ڪائونسل آف فار رليشنز اڪرام سهگل به خطاب ڪيو.