اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي وبا تي ??ابطو آندو ويو آهي پر اسان کي عيدالاضحيٰ ۽ محرم دوران احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن صورتحال بهتر ٿيڻ تي ??عميرات جي شعبي وانگر ٻيا شعبا به ايس او پيز سان گڏ کولي سگهجن، اسان ڪورونا سان گڏ پنهنجي ماڻهن کي بک سبب مرڻ کان به بچائڻو هو ان لاءِ خطرو کڻي سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو جيڪو الله جي فضل ۽ ڪرم سان بهتر ثابت ٿيو، عيدالاضحيٰ ۽ محرم تي ??حتياط نه ڪئي ته ڪي??ز جي انگ ۾ ٻيهر اضافو ٿي سگهي هو. هو وزيراعظم هائوس ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ منعقد اجلاس کانپوءِ خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۽ فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ٽن مهينن دوران سڀ کان گهٽ شرح ڪلهه رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اسپتالن تي مريضن جو جيڪو دٻاءُ هو ان ۾ به گهٽتائي آئي آهي، انتهائي نگهداشت ۽ آڪسيجن بيڊز تي ??ٻاءُ به گهٽ ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اهو الله تعاليٰ جو اسان تي ??اص ڪرم آهي ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن مان آهي جنهن ڪورونا جي وبا تي ??ابطو آڻي ورتو آهي پر اڃا چئلينجز ختم ناهن ٿيا. اسان کي احتياط کي ڇڏڻو نه آهي. هن چيو ته 13 مارچ تي ??ڏهن لاڪ ڊائون ڪيو ته وڏا چئلينجز درپيش هئا، اڄ اسان مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون ۽ ڪورونا ڪي??ن جو انگ گهٽ ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان تي ??ٻاءُ هو ته اسان يورپ جهڙا قدم کڻون. اسان به لاڪ ڊائون ڪيو، اسان جي پهرين حڪومت هئي جنهن ان ڳالهه کي سمجهيو ته يورپ ۽ چين جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جون حالتون مختلف آهن.