اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته ميڊيا صنعت کي درپيش م??ئلن ۽ انهن جي حل جي حوالي سان شفاف ۽ پائيدار پاليسي ٺاهڻ لا??ِ پرعزم آهيون، ريجنل اخبارن ۽ صحافين جي مسئلن کي نظر ۾ رکيو ويندو، سمورين ڌرين سان مشاورت جاري آهي ته جيئن پاليسي اتفاق راءِ رکندڙ هجي، ڊمي اخبارن جي نشاندهي ۾ ميڊيا ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مردان پريس ڪلب جي نون چو??ڊيل عهديدارن جي وفد هتي ملاقات جي دوران ڪيو. اطلاعات واري وزير ش??لي فراز نون چو??ڊيل عهديدارن کان حلف ورتو، اطلاعات واري وزير نون چو??ڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.