اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي ??و سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي ??و سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪورونا جي 426 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ??وران 9 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن ??وران 22 هزار 830 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 8 هزار 641، پنجاب ۾ 9 هزار 75، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 246، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 894، بلوچستان ۾ 509، گلگت بلتستان ۾ 251، آزاد ڪشمير ۾ 214 ٽيسٽ ڪيا ويا، ه??ستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو ??عداد 2 لک 86 هزار 506 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 96 ڪورونا جا مريض آهن، ه??ستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ??عداد 2 لک 99 هزار 659 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 340، بلوچستان ۾ 13 هزار 402، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 68، اسلام آباد ۾ 15 هزار 780، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 711، پنجاب ۾ 97 هزار 389 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 969 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو ??عداد 6 هزار 359 آهي.