اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ني??نل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٻن مهينن اندر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي آهي، ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو، ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري ني??نل هيلپ لائين نمبر جي ذريعي فوري مدد حاصل ڪري سگهندا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب موٽر وي سانحي جي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان وڏو فيصلو ڪندي ني??نل ايمرجنسي هيلپ لائين قائم ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پي ايم ڊليوري يونٽ کي اهم ٽاسڪ سونپيو ويو آهي، پي ايم ڊليوري يونٽ ني??نل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر تي ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، ني??نل ايمرجنسي هيلپ لائين جي لاءِ ??ار نظام جوڙيو ويندو، ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ سڄي ملڪ جي لاءِ هڪ ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر هوندو، وزيراعظم ني??نل هيلپ لائين نمبر جي قيام کي ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي آهي. وزيراعظم آفيس موجب ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو. ني??نل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٽول فري هوندو، ني??نل هيلپ لائين نمبر سان ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري جي فوري مدد ممڪن ٿيندي، نئين سسٽم ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ملڪ جي سڀني موبائيل ڪمپنين کان مدد حاصل ڪئي ويندي ۽ نظام کي موثر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ قانونسازي جي لاءِ صوبن سان به مشاورت ٿيندي.