اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ غير ضروري قاعدن جو خاتمو، ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ملڪ جي مشهور صنعتڪارن ۽ ڪراچي جي ڪاروباري تنظيمن جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، وفد ۾ ميان انجم ??ثا??، شارڪ وهرا، سليم الزمان، فيصل معيض، محمد علي، عبدالحادي، نويد شڪور، انجنيئر ??ثا??، اجمل افضل ۽ زبير باويجه شامل هئا. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين ، ايف بي آر جو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد جي ميمبرن ڪراچي پيڪيج، ملڪ ۾ صنعتي عمل خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي ??ي صنعتن جي فروغ جي ??والي سان حڪومتي پاليسين ۽ قدمن کي ساراهيو، وفد ڪاروباري برادري کي درپيش مشڪلاتن کان ب?? وزيراعظم کي آگاهه ڪيو.