وزيراعظم عمران خان سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي ملاقات

image
APP71-270821 ISLAMABAD: August 27 – A delegation comprising Members of National and Provincial Assemblies calls on Prime Minister Imran Khan

اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندڙن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر مير خان محمد جمالي، صداقت علي عباسي ۽ پنجاب جو توانائي وارو وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ شامل هئا. خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر، سينيٽر سيف الله نيازي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي ۽ بلوچستان جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مير خان محمد جمالي وزيراعظم کي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان جي لاءِ رڪارڊ فنڊز جي فراهمي تي ٿورا مڃيا. پنجاب جي توانائي واري وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ وزيراعظم کي صوبي ۾ توانائي جي مسئلن جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا