اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته هاڪي قومي راند آهي ۽ موجوده حڪومت هاڪي جي راند کي ماضي وانگر عروج ڏيارڻ جي لاءِ ڀرپور سرپرستي ڪندي، انشاءُ الله مستقبل ۾ هاڪي جي راند ۾ بهتري نظر ايندي. هو پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي هيڊڪوارٽر نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۾ پي ايڇ ايف جي سيڪري??ري آصف باجوه ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي ??هي?? هو. هن جو چوڻ هو ته هاڪي راند پاڪستان جي فخر آهي، ماضي ۾ پاڪستان ان راند ۾ شاندار ڪاميابيون پنهنجي نالي ڪيون، خوشي ان ڳالهه جي آهي ته هاڪي کي وڃايل مقام پائڻ لاءِ هاڪي فيڊريشن جي آفيشلز ۽ ڪوچز جذ??ي سان بنا معاوضي جي ڪم ڪري رهيا آهن.