اسلام آباد – 08 – جنوري (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريل ٽيل ڪيپوٽي جمعي ڏينهن هتي الوداعي مل??قا?? ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپ?? کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل مفادن لاءِ واپار، معيشت، صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاو?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان 2005ع جي زلزلي کانپوءِ طبي ٽيمون ۽ پاڪستاني ميڊيڪل شاگرد?? کي وظيفا فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيوبا جي تعاو?? کي ساراهي ٿو.