اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ماحوليات جي شعبي ۾ حڪومتي ڪوششن جي اعتراف ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي ماحوليات ??اب?? پروگرام (يو اين اي پي) جي سهڪار سان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي ميزبان?? ڪندو. ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 5 جون تي ملهايو ويندو. پاڪستان کي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ??قر??بن جي ميزباني جو اهو اعزاز وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت طرفان قدرتي ماحول جي بحالي ۽ تحفظ ۽ مسئلن جي حل لاءِ قدرتي طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي. وزيراعظم عمران خان جي حياتياتي تنوع ج?? ڪنووينشن ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ قائداڻي خطاب ۽ سندس قيادت ۾ صاف ۽ سرسبز پاڪستان پروگرام، 10 بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ ۽ جهنگلي حيات لاءِ محفوظ علائقن کي فروغ ڏيڻ جهڙي قدرتي ماحول جي ت??فظ ۽ بحالي جي منصوبن جي صورت ۾ پاڪستان جي عالمي اڳواڻ جي حيثيت سان ڪردار کي ت??ليم ڪندي يو اين اي پي ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني جي آڇ ڪئي هئي. هن سال ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو ”ايڪو سسٽم جي بحالي“ جي عنوان سان ملهائيندي قدرت سان پنهنجي ت??لق کي نئين سر قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويندو. ان ??وق??ي تي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم جي بحالي جي ڏهاڪي 2021ع کان 2030ع جو به باضابطه افتتاح ڪيو ويندو. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني سان پاڪستان جو دنيا ۾ مثبت تشخص اڀرندو جڏهن ته موسمياتي ت??ديلين ۽ ماحوليات جي ت??فظ ۽ فروغ جي حوالي سان قومي عزم، پروگرامن، منصوبن ۽ ڪاميابين کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جو ??وق??و به ميسر ايندو. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سرگرمين جو اهتمام موسمياتي ت??ديلي واري وزارت ڪندي. ان ڏينهن جي مناسبت سان اعليٰ سطح جي ??قر??بن جو انعقاد ڪيو ويندو جنهن ۾ صدر، وزيراعظم، عالمي اڳواڻن ۽ ٻاهرين نمائندن جي شرڪت جو امڪان آهي، جرمن واچ موجب پاڪستان گذريل 20 سالن جي دوران موسمياتي ت??ديلين جا اثر سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان کي موسمياتي ت??ديلين جي منفي اثرن جي ڪري 2010ع کانپوءِ مسلسل ٻوڏن، ٿرپارڪر ۽ چولستان ۾ شديد ڏڪار، ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ شديد گرمي جي لهر، طوفان، سامونڊي طوفان، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ گليشيئرز جي پگهرجڻ سان ٺهندڙ ڍنڍن جي ٽٽڻ جي ڪري ٻوڏ جهڙين ڪيفتين جا خطرا درپيش رهيا آهن.