اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ ٺوس سياسي حل اهميت رکندڙ آهي، 40 سالن کان جاري افغان تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشح??لي حاصل ٿي سگهي، پا??ستان ??ڏيل قومن کي افغانستان جي لاءِ انساني مشن ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي سيڪري??ري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ٻولهه ٻولهه دوران ??يو، ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ ٿ??ندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ خاص طور تي انساني صورتحال تي ڌيان ??نو ويو. وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل ۽ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي روشني وڌي. وزيراعظم چيو ته ضرورت ان ??الهه جي آهي ته افغانستان ۾ 40 سالا تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشح??لي حاصل ٿي سگهي. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان وڌيڪ ويجها لاڳاپا رکي جنهن ۾ انساني ضرورتن جي حل جي لاءِ اولين ترجيح ۽ معاشي استحڪام يقيني بڻايو وڃي، اهڙن قدمن سان نه رڳو سيڪيورٽي کي سگهه ملندي پر افغان شهرين جو پنهنجي ملڪ مان وڏي پئماني انخلا به رڪجي سگهندو ۽ افغانستان ۾ پناهگيرن جي بحران ??ي روڪي سگهبو. وزيراعظم افغان عوام کي انتهائي ضروري انساني امداد پهچائڻ ۾ گڏيل قومن جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ان حو??لي سان پا??ستان پاران ??ڏيل قومن کي انخلا ۽ لڏپلاڻ جي ڪوششن ۾ مدد سميت ڏني ويندڙ سهولتن تي روشني وڌي. گڏيل قومن جي سيڪري??ري جنرل انتونيو گوتريس کي پا??ستان جي مينڊيٽ جي پڄاڻي جي حو??لي سان آگاهه ڪندي پا??ستان پاران انساني همدردي جي بنياد تي افغانستان جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي آپريشن ۾ مڪمل تعاون جي عزم کي ورجايو.