اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان رابطا ڪري پاڪستان ۾ نيوز?? لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي، اسان جُون انٽيلي جنس ايجنسيون دنيا جي بهترين انٽيليجنس سسٽمز ۾ شامل آهن، ان جي راءِ ۾ نيوز?? لينڊ جي ٽيم کي ڪو به خطرو نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هاڻي ڪجهه دير اڳ وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ خاطري ڪرائي ته پاڪستان ۾ نيوز?? لينڊ جي ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي ميسر آهي ۽ پي ??ي بي موجب پاڻ نيوز?? لينڊ جي سيڪيورٽي پاڪستان جي سيڪيورٽي انتظامن ??ي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جون انٽيليجنس ايجنسيون دنيا جي بهترين انٽيليجنس سسٽم ۾ شامل آهن ۽ انهن جي راءِ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ڪنهن قسم جو خطرو نه آهي تنهن هوندي به نيوزيلينڊ جي وزيراعظم بي حد احتياط جي پاليسي کي نظر ۾ رکندي دورو ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي.