اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو آهي ته اڄ سمورا اهل وطن ۽ مسلمان امت مفڪر اسلام ۽ عظيم فلسفي شاعر ڊاڪٽر ع??ام?? محمد اقبال کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي، اڄ جي ڏينهن اسان کي اقبال جي تعليم کي ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو به سوچڻ گهرجي ته هن جيڪا ڪاميابي جي راهه اسان کي ڏيکاري ان تي اسان ڪيترو عمل ڪيو. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن شاعر مشرق ڊاڪٽر ع??ام?? محمد اقبال جي 144 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته اڄ ڏينهن جي اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته ع??ام?? اقبال جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ اسان اڳ کان به وڌيڪ ۽ سخت محنت ڪنداسين. هن چيو ته ع??ام?? اقبال جي پيغام ۽ فلسفي کي سمجهڻ جي جيتري ضرورت اڄ آهي ان کان اڳ ڪڏهن نه هئي. مملڪتي وزير چيو ته ڊاڪٽر ع??ام?? اقبال کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ جدا ملڪ جو تصور پيش ڪرڻ تي سدائين ياد رکيو ويندو. فرخ حبي?? چيو ته ع??ام?? اقبال جي فرمانن سان اسان کي اسلام جو هقيقي پيغام سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن مسلمانن جي حقيقي سڃاڻپ جي لاءِ انهن کي غفلت جي خواب مان بيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهي جي ڪري اسان اڄ هڪ آزاد ملڪ ۾ سڪون جو ساهه کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته آزادي هڪ تمام وڏي نعمت آهي، آزادي جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. مملڪتي وزير چيو ته ع??ام?? اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ اهڙي وقت ۾ رستو ڏيکاريو جڏهن اهي منزل جو نشانو وڃائي چڪا هئا، ع??ام?? جي فڪر ۽ سوچ اميد جو اهڙو ڏيئو روشن ڪيو جنهن نه رڳو منزل پر رستي جي به نشاندهي ڪئي.