اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين سان ملائيشيا جي پرڏيه?? وزير سيف الدين عبدالله پنهنجي وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افعانستان جي صورتحال، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن بشمول ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا سميت ڊرامي ۽ فلم جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ??طل??عات واري وفاق?? وزير چيو ته افغانستان جي صورتحال اهڙي طرح خراب ٿيندي رهي ته اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان جي وڏي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي افغانستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، افغانستان جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو. ??طل??عات واري وفاق?? وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ پڻ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ??طل??عات واري وفاق?? وزير چيو ته پاڪستاني ڊرامن ٻين زبانن ۾ ترجمي سان گڏ پنهنجو هڪ مقام ٺاهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستاني ڊرامن کي ملائيشيا جي عوام کي پڻ پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي ملائيشيا جي پرڏيه?? وزير سيف الدين عبدالله افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خاص طور ت?? افغان عوام جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان اسلامي ملڪن جي تنظيم جو اهم ميمبر ۽ مسلمان امت ۾ اهم مقام رکي ٿو. هن چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ملائيشيا جي پرڏيه?? وزير چيو ته پاڪستان سان ميڊيا، فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ تعاون کي فروغ ڏينداسين. ملاقات ۾ ??طل??عات وارو مملڪت?? وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو.