اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عثمان مرزا، جي ٽي روڊ ريپ ڪيس ۽ جتوئي ڪيس اسان ج?? ا??صاف جي نظام لاءِ چئلينج آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سوال اهو آهي ته اهي ڪيس روزاني جي بن??اد تي ڇو نه هلي رهيا آهن ۽ انهن کي عام ڪيسن وانگر ڇو ورتو پيو وڃي، پراسيڪيوشن ۽ عدالت پنهنجي ذمي??ار?? نڀائين، هن چيو ته انهن ڪيسن کي منطق?? ا??جام تا??ين پهچائڻ رياست جو فرض آهي.