لاهور – 03 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ??تا?? جو مستقبل انتهائي روشن ۽ شاندار آهي، دنيا ۾ موجود بيمارين جو مسيحا پاڪ??تا?? ئي آهي، ڀارت جي موجوده حالتون نظريه پاڪ??تا?? يا ٻه قومي نظريي جي حقيقت کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي، اطمينان بخش ڳالهه اها آهي ته پاڪ??تا?? جي منزل جو ٻيهر تعين ڪيو ويو آهي، اسان کي پنهنجو اڄ سڃاڻڻو ۽ سڀاڻي جي تياري ڪرڻي آهي، پاڪ??تا?? تي هائبرڊ وار مڙهيل آهي ۽ ان جو ٽارگيٽ انساني ذهن آهن، اڄ جي دنيا ۾ قدر نالي ڪا به شيءَ نه آهي جڏهن ته انسانيت کي ان مرهم جي سخت ضرورت آهي، قوم جي تعمير لاءِ معاشري جي هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اڄ دنيا وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسان کي ان جي رفتار سان هلڻو ۽ انهن تبديلين موجب پنهنجو پاڻ کي بڻائڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان ڪارڪن تحريڪ پاڪ??تا??، لاهور ۾ تحريڪ پاڪ??تا?? جي ڪارڪنن جي خدمتن جي اعتراف لاءِ منعقد 28 هين ساليانو گولڊ ميڊل عطا ڪرڻ جي تقريب جي دوران خطاب ڪندي ڪيو، تقريب جو اهتمام تحريڪ پاڪ??تا?? ورڪرز ٽرسٽ نظريه پاڪ??تا?? ٽرسٽ جي سهڪار سان ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اها منهنجي خوش قسمتي آهي ته مون تحريڪ پاڪ??تا?? ڪارڪنن جي خدمتن جي اعتراف ۾ کين يا انهن جي اولادن کي گولڊ ميڊل ڏنا. اڄ اسان انهي ڪارڪنن جي جدوجهد جي ڪري آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، نظريه پاڪ??تا?? ٽرسٽ ۽ تحريڪ پاڪ??تا?? ورڪرز ٽرسٽ جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن ته هو هر سال ان تقريب جو انعقاد ڪري اها يادگيري ڪرائيندا آهن ته پاڪ??تا?? تم??م وڏي نعمت آهي۽ اسان کي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي، قيام پاڪ??تا?? جي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ ڪارڪن پنهنجو تن من ۽ ڌن هن ملڪ لاءِ قربان ڪري ڇڏيو. هن چ??و ته قائداعظم ان تحريڪ جي سياسي رخن کي وڏي باريڪ بيني سان سمجهيو، پوءِ آهستي آهستي حقيقت جنم وٺڻ لڳي ۽ مسلمانن جيڪو نتيجو ڪڍيو هندوئن جي متعصباڻي رويي ان تي ٺپو هڻي ڇڏيو. هن چ??و ته تحريڪ پاڪ??تا?? جي ڪارڪنن ۽ هي ادارو اسان جي تاريخ کي اڳيان پهچائي رهيا آهن، اسان کي پنهنجي تاريخ ۾ محفوظ رکڻ گهرجي، پاڪ??تا?? تمام جلد دنيا ۾ هڪ منفرد مقام حاصل ڪندو ۽ ان جا آثار نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، هن چ??و ته ڪشمير مسئلي کي ئي ڏسي وٺو ان تي پوري دنيا خاموش آهي، علامه اقبال جي فڪر ۽ قائداعظم جي سياسي جدوجهد سان اهو ملڪ قائم ٿيو، دنيا ۾ موجود بيمارين جو علاج مسلم پاڪ??تا?? ئي آهي، سپر پاور طاقتون قانون ٺاهي پاڻ کي ان کان مٿانهون سمجهنديون آهن، اخلاقيات سان ئي قومون کي مضبوط ڪيو ويندو آهي، هن وقت پاڪ??تا?? تي هائبرڊ وار مڙهيل آهي ۽ ان جو ٽارگيٽ انساني ذهن آهن، هن چ??و ته اڄ اسان جو معاشرو ان انداز ۾ زوال پذير آهي ته اهڙي ۾ نيشن بلڊنگ لاءِ معاشري جي هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، فيڪ نيوز جو مقابلو ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته ان جي ذريعي انسان کي گمراهه ڪرڻ آسان آهي، سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز هلندي آهي ۽ ان کي ٿورو ڌيان سان ٻڌي سان ڏس?? به سگهجي ٿو، هڪ تحقيق موجب ڪوڙ انسان کي سچ جي مقابلي ۾ وڌيڪ پنهنجي طرف ڇڪيندو آهي ۽ اهو تيزي سان پکڙجندو آهي، هن چ??و ته اڄ ميڊيا جو حلقو وسيع ٿي ويو آهي پر ضروري آهي ته حقيقتن کي نظر ۾ رکيو وڃي، پاڻ پنهنجي اولادن کي فيڪ نيوز جي نقصانن کان آگاهه ڪريو، اڄ اسان جي ذهنن تي قبضو ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ۽ اسان کي ان جي رفتار سان هلڻ ۽ انهن تبديلين موجب پنهنجو پاڻ کي تيار ڪرڻو آهي، هي قوم 40 سالن تائين ڀٽڪندي رهي پر هاڻي ٽريڪ تي اچي رهي آهي ۽ پاڪ??تا?? جو مستقبل انتهائي روشن ۽ شاندار آهي. تقريب ۾ جن تحريڪ پاڪ??تا?? ڪارڪن کي گولڊ ميڊل ڏنا ويا انهن ۾ مير خليل الرحمان، پروفيسر ڊاڪٽر منير الدين چغتائي، ارشاد احمد حقاني، ملڪ غلام قادر، هدايت الله صوفي، چوڌري محمد اويس، سيد محمد وجيهه السيما عرفاني، حضرت خواجه محمد يار آفريدي، ڊاڪٽر فريد الدين قادري، سيد نادر علي شاهه گيلاني، عبدالغفور جانباز، ميان محمد يوسف، مرزا شجاع الدين بيگ، مولانا ظهور احمد بگوي، سيد قام محمود، محمد عثمان بٽ، محمد الياس لوڌي، شيخ محمد اقبال، شيخ فضل الدين، الحاج مڪ محمد انور خان، ميان عبدالوهاب، چوڌري غلام حسين، مولانا محمد اعظم حنفي، سيد خالد حسين شاهه، ضمير احمد قريشي، پير سيد بشير احمد خورشيد سوهدروي، ڊاڪٽر احمد يار خان قيصراني، فتح محمد خان، رانا عبدالشڪور خان، ملڪ غلام احمد ، حميد الله خان، نذير الله خان، سيد جنيد شاهه، ڪاچو امير بيگ، صوبيدار سيف الله، لال سيف الله خان، مولانا نور شاهه دين، قاضي صاحب نظام، سالار رحمت الدين، گل??تا?? محمد خان، مولانا صاحب الزمان، سيد جلال شاهه ۽ صوفي منظور احمد صابري شامل هئا.