لاهور – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو آهي ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي جي ??هرين مرحلي ۾ 24 ارب روپين جي سيڙپڪاري ٿي، ايندڙ مهيني منصوبي جي ??ڌيڪ 7 ترقياتي سائيڊز جي ??يلامي سان اربين روپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب لاهور دوري جي ??وقعي تي وزيراعظم عمران خان کي لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي ??هرين فيز ۾ 24 ارب روپين جي سيڙپڪاري ٿي، منصوبو لاهور ج?? وچ ۾ عالمي معيار ج?? ڪاروباري مرڪز ۽ رهائش جون سهولتون فراهم ڪندو، ان کانسواءِ ماحولياتي تحفظ، گرين روف، اربن پارڪس ۽ برساتي پاڻي کي ذخيرو ڪري استعمال ۾ آڻڻ جهڙا قدم به منصوبي جو حصو آهن. ايندڙ مهيني منصوبي تحت وڌيڪ 7 ترقياتي سائيڊز جي ??يلامي سان اربين روپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي ??ڄاڻي سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌندي پر ملڪ ۾ 15 سئو ارب روپين جو اضافو ??يندو، ان کانسواءِ منصوبي ۾ باب پاڪستان منصوبي جي ??ڄاڻي ۽ و??لٽن ايئرپورٽ جي ??نتقلي به شامل آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اسد عمر، شفقت محمود، وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، پنجاب جي ??ڏي وزير سردار عثمان بوزدار، سي اي او سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ عمران امين، اين اي پي ايڇ ڊي اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن ۽ فيز ون جي سيڙپڪارن شرڪت ڪئي.