اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب نجي ٽي وي چينل جي سينيئر پروڊيوس?? اطهر متين جي مارجي وڃڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي بيان ۾ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته د??ا آهي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي، هن چيو ته مون کي ان افسوسناڪ واقعي ۾ اطهر متين جي ما??جڻ تي دلي صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي، اسان جون سموريون همدرديون پونئيرن سان گڏ آهن. سماءَ نيوز جو سينيئر پروڊيوس?? اطهر متين ڪراچي ۾ ڦورن جي فائرنگ سبب مارجي ويو آهي.