اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجائيندي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وز??را??ظم سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل عراق جي پرڏيهي وزير فواد حسين ملاقات ڪئي. وز??را??ظم ان موقعي تي ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل آهن. هن عراق سان پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. وز??را??ظم عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجايو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين جو ا??تراف ڪيو. وز??را??ظم چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ خاص طور تي عراقي عوام جي ڪوششن کي ساراهيو. وز??را??ظم پرڏيهي وزير سان مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن سان گڏوگڏ مسلمان امت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??را??ظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن ۽ اسلامي ملڪن کي درپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي گڏيل قدمن جي ??هم??ت تي زور ڏنو. عراقي پرڏيهي وزير شاندار استقبال تي وز??را??ظم جا ٿورا مڃيندي او آءِ سي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيو.