اسلام آباد – 30 8211; مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ٽيلي ويزن 4 ارب روپين جو روينيو ٽارگيٽ حاصل ڪيو آهي جيڪو تاريخ جو سڀ کان وڏو روينيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پي ٽي وي جڏهن اسان کي ملي ته مڪمل ڏيوالو نڪتل هئي، اسان مختصر عرصي ۾ پي ٽي وي جي ٻن چئنلز کي ??جيٽل ڪيو ۽ پي ٽي وي جو بزنس ماڊل ٺاهي ڇڏيو جنهن جي ڪري پي ٽي وي اڄ انهن ادارن ۾ شامل آهي جيڪي منافعي ۾ آهن. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 22 پريس ڪلب هن سال ڊجيٽل اسٽوڊيوز ۽ ليب جي لاءِ چ??نڊ??ا ويا آهن انهن پريس ڪلبن کي ماڊرن اسٽوڊيو ۽ ايڪيوئپمنٽ ملندو جنهن سان مقامي صحافي ڊجيٽل صحافت جا جديد رموز استعمال ڪري سگهندا، ان اسڪيم ۾ فرنيچر ۽ سائونڊ سسٽم به اپ گريڊ ڪيا ويندا، وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پهرين مرحلي ۾ انهن 22 پريس ڪلبن جي فهرست به شيئر ڪئي جنهن ۾ ڊجيٽل اسٽوڊيوز جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. انهن پريس ڪلبن ۾ حيدرآباد پريس ڪلب، سکر پريس ڪلب، بدين پريس ڪلب، ٺ??و پريس ڪلب، ملتان پريس ڪلب، فيصل آباد پريس ڪلب، ميانوالي پريس ڪلب، جهلم پريس ڪلب، لاهور ??ريس ڪلب، جهنگ پريس ڪلب، ڪوئيٽا پريس ڪلب، تربت پريس ڪلب، گوادر پريس ڪلب، حب پريس ڪلب، پشاور ??ريس ڪلب، چترال پريس ڪلب، بنون پريس ڪلب، ايبٽ آباد پريس ڪلب، اسڪردو پريس ڪلب، گلگت پريس ڪلب، مظفر آباد پريس ڪلب ۽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد شامل آهن.