اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف کي ملڪ ۾ بجلي جي گهرج ۽ کپت جي تازي ترين صو??تحال تي بريفنگ ڏن?? وئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم کي توانائي واري وزارت جي عملدار ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي تازه ترين صو??تحال کان آگاهه ڪيو، وز??راعظم ملڪ ۾ بجلي جي گهرج ۽ کپت جا تازا انگ اکر معلوم ڪيا، ۽ مختلف فيڊرز تي بجلي جي پهچ جي صو??تحال دريافت ڪئي، وز??راعظم چيو ته لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، عوام جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ گهرجي.