اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي ج?? مناسبت سان هڪ تصويري نم??ئش منعقد ڪئي ويندي، نم??ئش جو مقصد غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران جاري هڪ پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان پاڪستاني ڪميونٽي ۽ فرينڊز آف ڪشمير کي نم??ئش ۾ شرڪت ۽ ڀارتي ظلمن جي شڪار ڪشميري عوام سان يڪجهتي ج?? اظهار جي دعوت ڏني آهي. نم??ئش کانپوءِ هاءِ ڪميشن ۾ ڪشمير جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، ڪشميري اڳواڻ، انساني حقن جون تنظيمون ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شرڪت ڪندا.