اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تازين برساتن ۽ بوڏ سان پورو ملڪ متاثر ٿيو آهي ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي ڀائيچاري ۽ ٻڌي جي ??رورت آهي جڏهن ته نادرا ۽ پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ 12 ڪروڙ رپيا ۽ 5 ڪروڙ رپين جون دوائون عطيو ڪيون ويون. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار مختلف وفدن سان ملاقات ۾ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاء?? 10 ??روڙ رپين جو چيڪ پيش ڪيو. چيئرمين قاضي محمد منصور دلاور جي ??ربراهي ۾ پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي وفد پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 2 ڪروڙ رپين جو چيڪ پيش ڪيو. پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 5 ڪروڙ رپين جون دوائون پڻ عطيو ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو هن آفت کي منهن ڏيڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ت?? اسان قومي يڪجهتي جي ??ريعي هن مشڪل وقت جو م??اب??و ڪنداسين، پوري قوم پنهنجي مصيبت ۾ ورتل ڀينرن ڀائرن جي مدد جي لاءِ وڌي چڙهي حصو وجهن. وزيراعظم اين ڊي ايم اي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي مختلف متاثر علائقن ۾ دوائن جي ??رورت جو تعين ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن سان گڏجي ??وائن جي فراهمي کي يقيني بڻائين. پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن ضرورت پوڻ تي وڌيڪ دوائون عطيو ڪرڻ جو پڻ وچن ڪيو. اسلامڪ ريليف جي گلوبل چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم احمد جي ??ربراهي ۾ وفد پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ اسلامڪ ريليف جي ڪنٽري ڊائريڪٽر آصف علي شيرازي ۽ ڪنٽري ايڊووڪيسي اسپيشلسٽ رضا قاضي پڻ موجود هو. اسلامڪ ريليف وزيراعظم کي بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ سٽيلن جي ??يليف جي لاءِ قدمن تي بريفنگ ڏني. هن وزيراعظم کي 3 ڪروڙ پائونڊ عطيو جمع ڪرڻ جي هدف بابت پڻ آگاهه ڪيو.