اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستان ??ان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي. هو نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي تبديلي درپيش آهي. تازي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، ??ڪومتي ادارن ۽ اين جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاثرين جي مدد لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته هن مشڪل صورتحال ۾ عالمي برادري کي پاڪستان ??ان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ??ان منهنجو گهرو رشتو آهي، ??هو منهنجي دل جي ويجهو آهي. پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. دهشتگردي جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان جي عوام تمام گهڻيون مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن. هن چيو ته هو عالمي برادري کي ان مشڪل صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته تازي ٻوڏ کانپوءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بشمول پاڪستان جي هٿياربند فوج متاثرين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي، ??نهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ۽ خوراڪ ۽ پناهه فراهم ڪئي. ٻوڏ ??ان پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. ا??ان جي آڏو تمام ??ڏو چئلينج آهي. هن مشڪل صورتحال ۾ مدد ڪندڙ مختلف ملڪن ۽ ادارن جا ٿورا مڃون ٿا. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيا. سيڪريٽري جنرل کي ان مقوعي تي پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين ۽ هڪومت پاران متاثرين جي مدد جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.