اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ تو??نائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهن، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول سازگار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فن لينڊ جي لاءِ پاڪستان جي اعزازي ڪائونسل جنرل ولي ايرولا جي قيادت هيٺ فن لينڊ سان تعلق رکندڙ ڪمپنيز جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ فن لينڊ – پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ فن لينڊ جي ڪمپنين بائيو وائما، وارسلا ڪارپوريشن، والمٽ ٽي پي ايل ۽ ٽيڪنالاجيز، جي اي اينڊ ميٽرو ڪارپوريشن جا نمائندا شامل هئا. وزيراعظم ??يو ته فن لينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ تو??نائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ موجوده حڪومت سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ٿو ته منصوبن کي مڪل ڪرڻ جي عمل ۾ شفافيت کي نظر ۾ رکيو وڃي. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان ۾ تو??نائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. فن لينڊ جي ڪمپنين جي وفد پاڪستان ۾ تو??نائي خاص طور تي سولر انرجي، ونڊ انرجي، بائيو گئس، فوڊ پراسيسنگ ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، تو??نائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ پاڪستان ۾ فن لينڊ جو سفير هيني ريپاتي پڻ موجود هئا.