سرگوڌا – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به اڄ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وي??دي??ن. ڊويزنل انتظاميا جي اهتمام هيٺ سيمينار آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس هال ۾ ٿيندو جنهن جي صدارت ڪمشنر مريم خان ڪندي. سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) ??دي?? ناصر کانسواءِ سرڪاري ادارن جي آفيسرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين، امن ڪميٽي جي ميمبرن سميت زندگي جي هر شعبي سان تعلق ??کندڙ ماڻهن کي گهرايو ويو آهي. سيمينار جي پڄاڻي تي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي قيادت ۾ جي پي او چوڪ تائين احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي ويندي. ان ڏس ۾ سرگوڌا آرٽس ڪائونسل جي هال ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي عڪاسي جي لاءِ تصويري نمائش پڻ لڳائي ويندي. ڏينهن جي شروعات صبح جو مسجدن ۾ ڪشميري شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ دعائن سان ٿيندي. سوشل ميڊيا، ڪيبل نيٽ ورڪ ?? مقامي چينلز کانسواءِ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان وڊيوز ۽ دستاويزي فلمون پڻ نشر ڪيون وي??دي??ن ۽ عوام ۾ ڪاري ڏينهن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پمفليٽ پڻ ورهايا ويندا.