اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نجي ٽي وي جي ڪئمير??مي?? فياض علي جي لاڏاڻي تي انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو، مرحوم جي گهروارن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، وزيراعظم جي هدايت تي سندس گهرڀاتين سان ت??زيت ۽ انهن جي دادرسي جي لاءِ هتي آئي آهيان، ميڊيا هڪ اهڙو طبقو آهي جيڪو سڀني جي خبر رکي ٿو پر ان جي خبر ائين نه ٿي ورتي وڃي جيئن وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي مارجي ويل ڪئمير??مي?? فياض جي گهرڀاتين سان ت??زيت جي لاءِ سندس رهائشگاهه اچڻ ۽ گهرڀاتين سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.