اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آهي ته جهڙي طرح اها ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته ڪورون?? وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙيو ويو اهڙي طرح ڪوويڊ 19 جي خلاف ??يس ??و پيز تي يقين ۽ ان تي عمل به ڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن برطانيا جي هفتيوار دي اڪنامسٽ ۾ شايع ٿيندڙ سروي رپورٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستاني دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ان ڳالهه تي يقين رکندڙ ماڻهو آهن ته ڪورون?? وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙيو ويو. هلندڙ ??ال مارچ ۾ ٿيندڙ سروي موجب 72 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته ڪا پرڏيهي قوت اهو وائرس نه پکيڙي رهي آهي ۽ اهو قدرتي آهي جڏهن ته رڳو 23 سيڪڙو جو اهو وهم آهي ته وائرس ڄاڻي واڻي پکيڙيو ويو آهي.