اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين جي ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ڏکڻ بلوچستان ۾ سي پيڪ سان لاڳاپيل منصوبن تي اڳڀرائي جاري آهي، خضد??ر کان بسيما 110 ڪلوميٽر ٻن ڦاڪن واري رستي تي ڪم ڀرپور انداز ۾ جاري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اين 30 رستي تي ڪم آڪٽوبر 2019ع ۾ شروع ٿيو، اين 30 رستي جي تعمير تي 19 ارب رپيا لاڳت ايندي. عاصم سليم باجوه چيو ته رستي جو 20 سيڪڙو ڪم ??ڪم??، رستو خضد??ر کي اين 85 سان ڳنڍيندو. هن چيو ته منصوبي جي 2021ع ۾ ??ڪم?? ٿيڻ سان گوادر تائين پهچ وڌيڪ آسان ٿي ويندي.