اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سميت سمورن مرضن بابت جامع قومي ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ جي ضرو??ت آهي. هو هتي ڇاتي جي ڪينسر بابت اج??اس جي صدارت ڪري رهيو هو، اج??اس ۾ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، صحت واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف بيمارين بابت مرڪزي ڊيٽا بيس جي کوٽ آهي، ان لاءِ ڇاتي جي ڪينسر سميت سمورين بيمارين تي جامع قومي ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ جي ضرو??ت آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي بيماري ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي ويندي آهي، ان ڏس ۾ عوام ۾ بيماري جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرو??ت آهي.