اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف پارٽي ۾ تحريڪ شروع ٿي وئي آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جا رخ مختلف ۽ اختلاف کلي سامهون اچي چڪا آهن، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهن جي تحريڪ ۾ زور پيدا ٿيڻ بدران مايوسي ۽ شڪست وارو م??حول اڀري ره??و آهي، نواز شريف، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، مريم ۽ بلاول سميت سم??ري مخالف ڌر پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿي، مخالف ڌر ٻٽي معيار بدران فيصلو ڪري ته انهن کي اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻي آهي يا ضمني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻو آهي، مولانا فضل الرحمان سدائين غيرجمه??ري طريقا استعمال ڪيا انهي لاءِ اڄ ان جي پارٽي جي اهم اڳواڻن بغاوت جو عَلم بلند ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي ڪابينا ڇهين آدمشماري ۽ هائوسنگ سينس 2017ع رپورٽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي حتمي منظ??ري لاءِ پيش ڪرڻ جي اجازت، زرعي ترقياتي بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر تنظيم سازي ۽ سيڙپڪاري بورڊ ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزير جي شموليت جي منظ??ري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي ره??و هو.