لاهور – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ مديني جي رياست وانگر قانون جي بالادستي، ميرٽ ۽ انسانيت جي ڀلائي تي ٻڌل رياست ج?? تصور کڻي اچي رهيا آهيون، خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبقن کي سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان آهي، ملڪ ۾ تعميرات جي شعبي جي ترقي سان ر??زگ??ر جا موقعا، غربت جو خاتمو ۽ ملڪي دولت ۾ اضافو ٿيندو، بئنڪن پاران گهرن جي ل??ءِ مورگيج جي سهولت جي فراهمي جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي ل??ءِ عدليه سميت سمورن ادارن جي تعاون جو ٿورائتو آهيان، ايڪهين صدي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ل??ءِ نظام ۾ موجود خرابين کي ختم ڪرڻو پوندو. هو نئون پاڪستان اپارٽمنٽس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان ان م??قعي تي حڪومت پنجاب، وڏي وزير، وزيرن ۽ مختلف ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته توهان سڀني جي سامهون آئون پنهنجي خوشي جوا ظهار ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان اڄ جنهن م??ام تي پهتا آهيون ان ل??ءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي، ”فور ڪلوزر“ قانون م??ظوري ۾ ٻه سال لڳا، ان جي ل??ءِ عدليه جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، جيڪڏهن هو م??د نه ڪري ها ته قانون م??ظور نه ٿئي ها، ڪيترن ئي سالن کان اهو قانون التوا ۾ هو، ان قانون جي منظوري کانپوءِ بئنڪ هاڻي مورگيج جي سهولت ڏئي رهيو آهيون، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪل آبادي جي 0.2 سيڪڙو جي شرح سان م??رگيج جي سهولت ڏني پئي وئي جڏهن ته اولهه، آمريڪا سميت ٻين م??ڪن ۾ اها شرح 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ روڪ رقم نه آهي ته هو نه پنهنجو گهر خريد ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي گهر ٺاهي سگهي ٿو، دنيا ۾ ان جي ل??ءِ بئنڪون قرض فراهم ڪنديون آهن جيڪو پئسو مسواڙ جي مد ۾ ويندو آهي اهو گهر جي قسطن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اهو گهر ان ماڻهو جي ملڪيت بڻجي ويندو آهي، وزيراعظم چيو ته ان سان هر ماڻهو وٽ هڪ موقعو ميسر آيو آهي ته هو قسطون ڏئي پنهنجو گهر حاصل ڪري سگهي، ان م??صوبي کي عملي جامو پارائڻ جي ل??ءِ ايل ڊي اي، بئنڪن سيڪٽر، عدليه سميت سمورن ادارن ڀرپور تعاون ڪيو.