اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان چين جي سفير نونگ رونگ م??اق??ت ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفي تعاون سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. م??اق??ت جي دوران چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 70 سال مڪمل ٿيڻ ت?? ٻنهي شخصيتن ۾ مبارڪباد جي مٽاسٽا ٿي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي سدائين مشڪل وقتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيندو آهي، شاهراه قراقرم اسان جي مضبوط دوستاڻي لاڳاپن جو ثبوت آهي، پاڪستان جي عوام جي پاڪ چين دوستي بابت بهترين خيال رکي ٿي ۽ ان دوستي کي اعليٰ سطح تي برقرار رکيو آهي.