اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي سڀني مطالبن جي باوجود وزيراعظم عوام کي رليف ڏيڻ لا??ِ بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ ۽ 150 ارب روپين جا سڌا ٽيڪس نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سڀئي معاشي انگ اکر مثب?? آهن، موجوده حڪومت پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لا??ِ اليڪشن ترميمي بل منظور ڪري ورتو آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني هن سال جي پهرين 11 مهينن ۾ رڪارڊ 26.7 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو. پنهنجي ٽوئيٽ ۽ بلاول جي بيان تي رد عمل ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته گذريل ڏينهن قومي ا??يم??لي مان اليڪشن ترميمي بل منظور ٿي ويو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جي ملڪ جو اثاثو آهن.