اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نائيج?? جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ”لُڪ افريقا“ پاليسي تحت نائيجر سان پنهنجي لاڳاپن کي خ??وص?? اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نائيج?? جي وچ ۾ ٻطرفن معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان هن سال نائيج?? جي 100 شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ نائيج?? جي وچ ۾ پارلياماني تعاو?? جي يادداشت سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبا?? جي فروغ لاءِ ترجيحي واپاري معاهدي جي ضرورت آهي. نائيج?? جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو چيو ته نائيجر پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاو?? جي فروغ جو خواهشمند آهي، نائيجر ڪاروبار، معيشت، واپار ۽ زراعت جي شعبن ۾ پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو، جڏهن ته زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ نهري نظام جي تعمير لاءِ پاڪستا?? جي مدد جو خواهشمند آهي. نائيجر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان پاران 100 اسڪالرشپس ۽ مهمانوازي تي پاڪستان کي ساراهيو. ان موقعي تي هن صدر کي نائيج?? جي دوري جي به دعوت ڏني.