اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان روم ۾ قائم گڏيل قوم?? جي خوراڪ واري عالمي اد??ري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ ايم بيسلي خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم خوراڪ واري عالمي اد??ري جي ان ڪردار جي واکاڻ ڪئي جيڪو هو هنگامي حال??ن ۾ عالمي انساني همدردي جي اد??رن کي خوراڪ جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ مختلف مل??ن ۾ خوراڪ ۽ غذائي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پاڻ وٽ هتي هلندڙ خوراڪ واري عالمي اد??ري جي مختلف منصوبن مان مستفيد ٿيندو رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان خوراڪ واري عالمي اد??ري سان حصيداري جي قدر ڪري ٿو. وزيراعظم ۽ خوراڪ واري عالمي اد??ري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي وچ ۾ ملاقات ۾ افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم افغانستان ۾ جامع حڪومت جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي برادري کي افغانستان سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن جنه?? جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ ڪنهن به انساني الميي کان بچي سگهجي ٿو ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، خوراڪ واري عالمي اد??ري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گڏيل قوم?? جي ورلڊ فوڊ ??روگرام پاران افغانستان ۾ خوراڪ جي مدد لاءِ پاڪستا?? جي سهولتي ڪردار تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن افغانستا?? جي عوام کي انساني همدردي تحت مدد جاري رکڻ جي طريقن تي وزيراعظم سان خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي.