??را??ي – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ??را??ي سينٽر جو دورو ڪ??و. وفاقي وزير جي اچڻ تي پي ٽي وي ??را??ي سينٽر جي جنرل مئنيجر محمد شجاعت الله ٻئي اسٽاف سان گڏ سندس استقبال ڪيو. مئنيجر پي ٽي وي ??را??ي سينٽر جي مختلف شعبن جي سربراهن جو اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان تعارف ڪرايو. وفاقي وزير ??را??ي سينٽر جي پروگرامز، حالات حاضر ۽ نيوز جي سربرا??ن کان لاڳاپيل شعبن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان معلوم ڪيو ۽ گڏ ئي ان??ن کان انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. جنرل مئنيجر وفاقي وزير کي پروگرامز، حالات حاضره، پي ٽي وي هوم، پي ٽي وي نيشنل جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. هن پي ٽي وي کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي وزير جي ويزن کي پڻ ساراهيو. بعد ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير پي ٽي وي ??را??ي سينٽر جي نيوز روم، حالات حاضره جي مختلف اسٽوڊيوز، پي ٽي وي نيشنل سميت مختلف شعبن جو دورو ڪ??و ۽ اسٽاف کان بريفنگ ورتي.