اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري افغان عوام جي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي. پا??ستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پرڏي??ي وزارت ۾ منعقد ٿيون، پا??ستاني وفد جي قيادت پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جڏهن ته ڊينش وفد جي قيادت ڊينمارڪ جي پرڏي??ي وزير يپي ڪوفو ڪئي.
ڳالهين ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏي??ي وزير چيو ته پا??ستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، هن چيو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پا??ستان جي مدد تي اسان ڊينمارڪ جا ٿورائتا آهيون. اسان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪيتريون ئي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته ڪاروبار ۾ آسائشن جي حوالي سان پا??ستان جي عالمي درجا بندي ۾ بهتري آئي آهي.
شاهه محمود قريشي چيو ته ڊينس ڪمپنيون پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي ذريعي انهن مراعتن ما?? فائدو کڻي سگهن ٿيون، هن چيوته پا??ستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ٻطرفي تعاون جو فروغ واکاڻ جوڳو آهي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ پا??ستان ۽ ڊينمارڪ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي موجودگي، پارليماني رابطن جي فروغ جو سبب آهي، پرڏي??ي وزير افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان چيو ته اسان هڪ هزار کان وڌيڪ ڊينس شهرين کي ڪابل ما?? محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، مون کي خوشي آهي ته افغانستان جي حوالي سان اسان جي موقف ۾ هم آهنگي آهي،
هن چيو ته افغانستان ۾ تازي تبديلي جي دوران رتوڇاڻ ۽ خانه جنگي جو نه هجڻ مثبت رخ آهي، عالمي برادري افغانستان ۾، پا??ستان وانگر اجتماعيت جي حامل حڪومت جي خواهشمند آهي،پرڏي??ي وزير چيو ته ضرروت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري افغانستان جي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي، اقتصادي بحران سبب دهشتگرد گروهن کي افغانستان ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو ملندو. شاهه محمود قريشي پا??ستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري جي ڏس ۾ ڊينش هم منصب سان ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو. ڊينش پرڏي??ي وزير ڊينش شهرين جي ڪابل ما?? محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد تي پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پا??ستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.