اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي آهي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان آبي وسيلن جي ??ستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شام?? ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ وسيع ٿيڻ (موثر هجڻ جو) گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاون جو مظهر آهن. اهي ڳالهيون هن پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ س??ارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي وڻڪاري مهم جي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيون. پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ س??ارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ارجنٽائن جي ??فير ليپولڊو فرانسسڪو ساهورس ارجنٽائن پارڪ ۾ منعقد تقريب ۾ يادگاري ٻوٽا لڳايا. تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط هجڻ جو گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاون جو مظهر آهن. پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اداره جاتي ميڪنزم جو ڪردار انتهائي اهم آه. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ گڏيل ڪميشن موجود آهي، 20 مئي 2021ع تي منعقد ٿيندڙ اسان جي ??خري گڏجاڻي دوران اسان زراعت، دواسازي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن تي گڏيل ورڪنگ گروپ بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن مستقبل ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل به بزنس ٽو بزنس انٽريڪشن وڌائڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت باقاعدگي سان ٿيندي آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان، ارجنٽائن فرينڊشپ گرپس جي موجودگي ٻطرفي پارليااني لاڳاپن جي ??ستحڪام جي ??لامت آهي، پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي وزيراعظم گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ??قرير ۾ وزيراعظم عمران خان جي ”ٽين ملين سونامي ٽري“ منصوبي کي ساراهيو. موسمياتي تبديلين جي ڪري خطرو ان ڳالهه جو آهي ته پاڪستان وسيع آبي وسيلا رکندڙ ملڪ مان، آبي وسيلن جي ??ستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شام?? ٿي سگهي ٿو. انهن حالتن ۾ وڻڪاري جو فروغ ئي اهم حڪمت عملي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته 4 ڊسمبر تي اسان لاهور ۾ پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ”پولو ميچ“ جو انعقاد ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ارجنٽائن جي ??فير به تقريب کي خطاب ڪيو ۽ گذريل ست ڏهاڪن ۾ وڌندڙ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي کين وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو.